ٽوڪيو-02 جنوري (اي پي پي) جاپان ۾ گذريل ڏينهن 7.6 جي شدت جي زلزلي سبب 30 ماڻهو فوت ٿي ويا. شنهوا مقامي عملدارن جي حوالي سان ٻُڌايو ته سينٽرل جاپان ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ شدي?? زلزلي کان پوءِ اشيڪاوا تي پر??فيڪ??ر عمارتون ڪِرڻ ۽ باهه ل??ڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن. زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون پڻ ڊهي پيون. رستن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ رهائشي علائقن ۾ باهه ل??ي وئي ۽ اٽڪل 36 هزار گهر بجلي جي سه??لت کان محروم ٿي ويا آهن. مشهور سياحتي ماڳ وجيما مارننگ مارڪيٽ جو وڏو علائقو باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، جنهن سبب 200 عمارتون باهه هيٺ رهيون. جاپان جو سيلف ڊفينس فورس زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ