بهاولپور – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سرائيڪي علائقي جي عوام سدائين وفاداري ڪئي آهي ۽ سياست ۾ به انهن ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي جن علائقي ۽ پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي، اسيمبلين ۾ بهترين نمائندن جي چونڊ تي علائقي جي عوام جو ٿورائتو آهيان ۽ انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ اميد آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ به (ن) ليگ ڪامياب ٿيندي، جيڪڏهن ترقي جي ڳ??له?? ڪئي وڃي ته پوري ملڪ ۾ اها دعويٰ آهي ته ڪير به مسلم ليگ (ن) جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ کان وٺي 65 سالن جا ڪم هڪ طرف ۽ ميان نواز شريف جي تازي حڪومت جي 5 سالن جي اقتدار جي دور جا ڪم هڪ طرف آهي، هي اها ڪارڪردگي آهي جنهن کان اسان جا مخالف ڊنل آهن ۽ پورو ملڪ سمجهي ٿو ته ڪا سياسي پارٽي جيڪا ملڪ ۾ ترقي ڏئي سگهي ٿي ته اها رڳو مسلم ليگ (ن) آهي. نيشنل هاءِ وي جلال پور ??? پ??ر والا کان اوچ شريف سيڪشن جي افتتاح کانپوءِ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته انشا??َ الله ايندڙ چونڊن ۾ به مسلم ليگ (ن) ڪامياب ٿيندي.
سرائيڪي علائقي جي عوام سدائين وفاداري ڪئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج