اسلام آباد – 02 نو??بر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان سمورن دوست ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، پاڪستان معيشت سميت سمورن شعبن ۾ ترقي ڪئي آهي، حڪومت جي مناسب پاليسين جي ڪري پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، آزاداڻي سيڙپڪار پاليسي جي ڪري پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ بهترين ملڪ آهي جنهن سان عالمي سيڙپڪار ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه نائجيريا جي هاءِ ڪمشنر، سوئيٽزرلينڊ، گڏيل عرب اماراتن، بوسنيا هرزيگوينيا ۽ مصر جي سفيرن سان جد?? جد?? ٿيندڙ ملاقات ۾ چئي جن ايوان صدر ۾ تقريب ۾ کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون.
مضمون کا ماخذ : ریل رش