اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان ??باسي چيو آهي ته مشهور عالمي ريٽنگ ادارن اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن جي باوجود پاڪستان ??ي اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي جو اعتراف ڪيو آهي. هن اها ڳالهه وف??قي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وف??قي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري، اقتصادي ۽ معاشي واڌويجهه ۽ شرح، قرضن جي صورتحال، مالياتي استحڪام، ايف بي آر پاران ٽيڪس وصولي?? ۽ ??اهرئين ملڪن کان ??يندڙ مٽاسٽا جي ناڻي، سڌي سنئين غيرملڪي سيڙپڪاري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، ادائيگي جي توازن، سرڪاري قرض ۽ پاڪستان ??ي معيشت ۾ نمايان ??ڳڀرائي سميت ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش