اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار عهدو ڇڏيندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اشرف محمود وٿرا جي پروفيشنلزم ۽ عزم کي ساراهيندي چيو آهي ته اشرف محمود سڄي مدي ??وران پنهنجي ڪم سان مخلص رهيو ۽ مالياتي پاليسي تي شفاف عملدرآمد ۽ سرمائي جي منڊي جي ريگيوليشن ۾ نمايا?? ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالهه هن عهدو ڇڏيندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ناڻي واري وفاقي وزير سان الوداعي ملاقات ڪئي. اسحاق ڊار اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي حيثي?? سان اشرف محمود وٿرا جي خدمتن کي ساراهيو ۽ پنهنجو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪ??ڻ تي کيس مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ