اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته راندين کي سي??ست ۽ سي??ست کي راندين ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي، پاڪ??تا?? راندين جي ميدان ۾ سٺيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، 2025ع خوشخبرين ۽ سياسي استحڪام جو سال آهي، اڏار پاڪ??تا?? هڪ ويزن آهي جنهن ۾ رانديون به شامل آهن، اسان کي اڏار پاڪ??تا?? پروگرام سان شاهين وانگر ٽيڪ آف ڪرڻو آهي، پاڪ??تا?? آهي ته اسان سڀ آهيون، هاڻ?? ته سياسي مخالف به پاڪ??تا?? جي معاشي استحڪام جا ڳُڻ ڳائي رهيا آهن، سياستدان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا، ڳالهه ٻولهه سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاليمار ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ميڊيا ڪرڪيٽ ليگ 2025ع جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير جنگ ميڊيا گروپ سميت سمورن اسپانسرز ۽ ڪرڪيٽ ليگ ۾ شامل سمورين ٽيمن کي مبارڪباد ڏيندي راندين جي مثبت سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته جيترو راندين ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ کي فروغ ملندو، ان سان معاشري ۾ مثبت سرگرميون جنم وٺنديون. وفاقي وزير چيو ته جنگ ميڊيا گورپ اهڙا ايونٽس منعقد ڪرڻ ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪرڪيٽ ليگ ۾ ٽي وي چينلز جي اڪثريت ٽيمون شامل آهن، نوجوان ۽ متحرڪ رانديگر هتي موجود آهن، اسان جا نوجوان ڏينهون ڏينهن مهارت حاصل ڪندا پيا وڃن. هن چيو ته شاليمار ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪرڪيٽ جو خوبصورت ميدان آهي جتي شائقين کي سٺي راند ڏسڻ جي لاءِ ملي رهي آهي. هن ميڊيا ڪرڪيٽ ليگ ۾ شامل سمورين ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ونرز ۽ رنر اپ ٽيمن جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته عالمي سطح تي پڻ پاڪ??تا?? اڳتي وڌي وڏيون فتح حاصل ڪيون آهن، چيمپيئنز ٽرافي پڻ پاڪ??تا?? اچي رهي آهي جيڪو پاڪ??تا?? ۾ وڏو ايونٽ آهي جنهن تي پوري قوم خوش آهي. هن چيو ته ڪافي عرصي کانپوءِ پاڪ??تا?? عالمي سطح جي ايونٽ جي ميزباني ڪرڻ وڃي رهيو آهي، الحمدالله اهڙن ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، اسان وٽ ڪرڪيٽ گرائونڊز جو انفراسٽرڪچر موجود آهي. هن چيو ته محسن نقوي وزيراعظم جي قيادت ۾ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، بطور پي سي بي چيئرمين هن بهترين انتظام ڪيا، قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻين اسٽيڊيمز کي پڻ سهولتن سان ليس ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب انعقاد سان سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته اسان وڏا ايونٽس آرگنائيز ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪ??تا?? ۾ انعقاد سان پاڪ??تا?? جو تشخص وڌيڪ بهتر ٿيندو، جيڪي ٽيمون پاڪ??تا?? اينديون انهن جي مهمان نوازي ۽ انتظامن جي حوالي سان محسن نقوي ڀرپور تياري ڪئي آهي. هن چيو ته 2025ع خوشخبرين جو سال آهي، اسان معاشي استحڪام حاصل ڪري رهيا آهيون، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي ??هي، اسٽاڪ ايڪسچينج ڏينهون ڏينهن مثبت رخ ۾ گامزن آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک 17 هزار جي تاريخي حد عبور ڪري چڪي آهي، ايڪسچينج ريٽ هيٺ اچي رهيو آهي، مٽاسٽا جو ناڻو پاڪ??تا?? اچي رهيو آهي. هن چيو ته اڏار پاڪ??تا?? ۾ رانديون به شامل آهن، اهو ڪنهن سياسي پارٽي جو ويزن نه آهي، اهو پاڪ??تا?? جو ويزن آهي ته اسان کي ترقي ڪرڻي آهي. هن چيو ته راندين جي سرگرمين جو فروغ پن ان پروگرام ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان پاڪ??تا?? جي تشخص جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪ??تا?? آهي ته اسان آهيون، پاڪ??تا?? اڳتي وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽيمن جي پاڪ??تا?? اچڻ سان پاڪ??تا?? ۾ اسپورٽس ۽ ڪرڪيٽ جي بهتري ٿيندي، نوجوانن کي ڪرڪيٽ ويجهي کان ڏسڻ ۽ سکڻ جو موقعو ملندو. پراڻي يادن کي پڻ تازو ڪرڻ جو موقعو ملندو جڏهن هتي وڏا وڏا رانديگر ايندا هئا ۽ يادگار مئچون ٿينديون هيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسپورٽس مين اسپرٽ هر جڳهه ۽ هر شعبي ۾ هجڻ گهرجي. انٽرنيٽ جي حوالي سان تمام گهڻي بهتري آئي آهي، ماضي ۾ ڪجهه مسئلا هئا پر هاڻي بنا ثبوتن جي سياسي ڳالهه وڌيڪ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انٽرنيٽ ۾ فني مسئلا ايندا رهيا آهن پر اسان وٽ نظام ڪافي بهتر آهي. هن چيو ته بنا ثبوت جي وي پي اين بابت پروپئگنڊه ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ صارفين کي سستو ترين انٽرنيٽ ملي رهيو آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙي طرح جا پئڪيجز نه آهن جيڪي هتي فراهم ڪيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راندين کي سي??ست ۽ سي??ست کي راندين ۾ نه ملايو وڃي، ملڪ ۾ بهتري ۽ مثبت ماحول هجڻ گهرجي، تنقيد ضرور ڪئي وڃي پر ملڪ جو تشخص برباد نه ڪيو وڃي، ان سان سڀني جو گڏيل نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته هاڻ?? ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پڻ چئي ڇڏيو آهي ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي استحڪام تمام ضروري آهي، سياستدان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا، اهو سلسلو جاري رهندو. 2025ع انشاءَ الله سياسي استحڪام به سال هوندو، ڳالهه ٻولهه سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي. هن چيو ته ڳالهين واريون ڪميٽيون پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيون آهن، ڳالهه ٻولهه اڃا تائين مثبت انداز ۾ هلي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن جي ڪردارڪشيءَ نه ٿيڻ گهرجي، اها اسان جي تربيت نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته عورتون ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان هجي، انهن جي لاءِ عزت ۽ وقار جو مقام هجي، پاڪ??تا??ي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ جي عزت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي مفاد جي لاءِ ٽرولنگ ڪن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريڊيو پاڪ??تا?? ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، پي ٽي وي ۾ ري ويمپنگ ڪئي وئي آهي، ان ۾ پرائيويٽ سيڪٽر مان اينڪرز کي آندو ويو آهي، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني کي پي ٽي وي تي اسپيس ملي. ريڊيو پاڪ??تا?? ۾ پڻ سڌارا آندا ويندا ۽ ڪمنٽري تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.
راندين کي سياست ۽ سياست کي راندين ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان راندين جي ميدان ۾ سٺيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، 2025ع خوشخبرين ۽ سياسي استحڪام جو سال آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا