اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والدين پوليو خلاف مهم ۾ ورڪرن سان تعاون يقيني بڻائين ته جيئن انهن جي ٻارن جو مستقبل محفوظ ٿئي ۽ اهي توانا ٿي ملڪ جي روشن مستقبل ۾ ڪردار ??دا ڪري سگهن. پوليو جي خاتمي واري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پا??ست??ن سان پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ حصيداري تي بل گيٽس فائونڊيشن، صحت واري عالمي اداري ۽ سعودي عرب ??ميت عالمي ادارن جا ٿورائتا آهيون، پا??ست??ن سميت ٻين ملڪن جي ڀرپور معاونت ڪرڻ تي سعودي عرب ??ي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو پڻ شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته ڊاڪٽر مختار ڀرٿ ۽ عائشه رضا فاروق جي نگراني ۾ صوبائي حڪ??متن سان گڏجي پوليو جي خاتمي جي هي جنگ اسان کٽنداسين. ماضي ۾ مش??لاتن سبب پا??ست??ن ۾ پوليو جا 60 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي اسان لاءِ هڪ چئلينج آهن، هي اسان جو عزم آهي ته پوليو جي مرض کي پا??ست??ن مان ختم ڪري ساهه کڻنداسين. پا??ست??ن جي والدين کان گذارش ڪريون ٿا ته اهي هن مهم ۾ مڪمل سهڪار ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري کين هن مرض کان هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪن ۽ ڪروڙين ٻارن جي مستقبل کي توانو بڻائين ته جيئن اهي پڙهي لکي پا??ست??ن جا بهترين معمار ??ڻجن. هن پوليو جي فيلڊ ٽيمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو عزم ۽ بهادري سان پا??ست??ن مان پوليو جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن جو اهي اتر وزيرستان سميت، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي علائقن سميت جتي جتي سيڪيورٽي جا مسئلا درپيش آهن اتي هو ڀرپور مدد فراهم ڪري رهيا آهن، صوبائي حڪ??متن جا به ٿورائتا آهيون جو اهي هن عظيم مقصد لاءِ پوري طرح گڏ آهن ۽ وفاق سان گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ پنهنجون سموريون توانايون خرچ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان دعاڳو آهيون ته الله پاڪ اسان کي همت ڏي ۽ اسان جي فرض شناسي ۾ واڌ ڪري ته جيئن اسان هن ڀيري ملڪ مان پوليو جو هميشه لاءِ خاتمو ڪري ساهه پٽيون. وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر مختار ڀرٿ چيو ته ملڪ ۾ پوليو جي هي سال جي آخري مهم آهي جنهن ۾ 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز اڄ کان 19 ڊسمبر تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ واٽر ۽ سينيٽيشن، نيوٽريشن تي پنهنجي پارٽنرز ۽ صوبائي حڪ??متن سان گڏجي جامع حڪ??ت عملي بڻائي پئي وڃي، ان سان به پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، والدين پوليو خلاف مهم ۾ ورڪرن سان تعاون کي يقيني بڻائين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی