اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ لا اينڊ جس??س ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ڏورا??هن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ سڀني لاءِ انصاف کي يقيني بڻائينداسين، هن قانون تحت ڪيسن جو جلد فيصلو ڪندي قانوني حق سان صبر، احترام ۽ وقار سان پيش اچڻ جي اهميت تي زور ڀريندي عدالتي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي ا??هن ڌرين تي ڌيان جيڪي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ اچن ٿا. سپريم ڪورٽ جي رج??ٽر??ر آفيس مان جاري پڌرائي موجب اهڙو اظهار چيف جسٽس پنجاب صوبي جي ڏورا??هن ضلعن جي د??ري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته عدالتن وچ ۾ ڪيسن جي منتقلي لاءِ ڪيسن کي غير ضر??ري دير يا ذاتي تعصب کانسواءِ ٻيهر ٻڌڻي کي يقيني بڻائيندي درخواستن کي شفاف ۽ موثر طريقي سان اڪلائڻ گهرجي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ انصاف تائين هڪجهڙي رسائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عدالتي سڌارن جي سلسلي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ لا اينڊ جس??س ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جسٽس يحيٰ آفريدي هڪ غير معمولي قدم شروع ڪيو آهي ج??هن ۾ سڀ کان وڌيڪ هر صوبي جي ڏورا??هن ضلعن ۾ ذاتي طور دورا شامل آهن. ا??هن قدمن جي هڪ حصي طور تي چيف جس??س ڪالهه پنجاب جي ڏورا??هن ضلعي رحيم يار خان جي تعلقي صادق آباد جو دورو ڪيو، ان سان گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، جسٽس عاليه نيلم ، لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس سيد شهباز علي رضوي ۽ سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جا رج??ٽر??ر به موجود هئا. پنهنجي د??ري دوران چيف جسٽس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز سان رحيم يار خان ۽ ڀرپاسي جي ضلعن راجن پور، ڊيره غازي خان ۽ لوڌران جي بار ايسوسئ??شن?? جي نمائندن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ذاتي طور تي شرڪت ڪئي، اٽڪ ، ميانوالي، خوشاب، جهنگ، بهاولپور، بهاولنگر، ملتان ۽ ڀکر ضلعن جي ججن آن لائن شموليت اختيار ڪئي، چيف جسٽس ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اعليٰ عدليه جو ڌيان ڏورا??هن علائقن ۽ پٺتي پيل علائقن تائين پکڙيل آهي جتي جڊيشل آفيسر قانوني چاره جوئي لاءِ انصاف فراهم ڪري رهيا آهن. هن ججن جي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي روزاني درپيش رڪاوٽن جي نشاندهي ڪن، جيڪي عدالتي ڪارڪردگي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون، چيف جسٽس کين خاطري ڪرائي ته ا??هن چئلينجن کي لا اينڊ جس??س ڪميشن آف پاڪستان معرفت هيٺين سطح تي انصاف جي فراهمي کي وڌائڻ لاءِ حل ڪيو ويندو. چيف جسٽس ڏورا??هن ضلعن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عدالتي آفيسرن کي خاطري ڪرائي ته ڪم لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا وڃن، ا??هن جي حفاظت وقار ۽ ضر??ري وسيلن تائين رسائي کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن هاءِ ڪورٽس تي زور ڀريو ته هو ڏورا??هن ضلعن ۾ تجربيڪار ۽ ماهر آفيسرن جي مقرري کي ترجيح ڏين. هن لا اينڊ جس??س ڪميشن آف پاڪستان ذريعي پرڏيهي تربيتي پروگرامن ۽ پيشيوراڻي ترقي جي موقعن کي ترجيح ڏيڻ سميت ڪيترن ئي اهم قدمن جي تجويز پيش ڪئي، ا??هن قدمن جو مقصد عدالتي آفيسرن کي عالمي ويزن فراهم ڪرڻ آهي ج??هن سان قانون جي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرائي کان اهي باخبر رهن ۽ موثر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ جي پنهنجي صلاحيت کي بهتر بڻائين. چيف جسٽس عدالتي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ا??هن ڌرين تي ڌيان ڏين جيڪي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ عدالتن ۾ اچن ٿا.
ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ سڀني لاءِ انصاف کي يقيني بڻائينداسين: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری