اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، حڪومت ڊ??يٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تي ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عنوان ”ڊجيٽلائيزيشن اينڊ وومن ان پوليٽيڪس“ سا?? وڊيو ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سا?? عورتن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ڊ??يٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، عورتن جي موبائل فون، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي ??ڪاوٽون آهن. ڊجيٽلائزيشن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عورتن جي ڊجيٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊجيٽل ڊوائيڊ پاليسيءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊجيٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري آهي.
موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : پاور بال