اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ جو اجلاس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صد??رت ۾ ٿيل اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن جي نم??ئندن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجر ۽ آذربائيجان شامل آهن جڏهن ته ڪشميري عوام جي حقيقي نم??ئندن جي وفد پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن رابطا گروپ کي ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي، سلامتي ۽ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو. اجلاس جي پڄاڻي هڪ جامع گڏيل پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خو??مخ??ياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ او آءِ سي پاران ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي ??سل??ل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ ڪيترين ئي ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي جاري مهم جي پڻ مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد چونڊ عمل خو??مخ??ياري جي حق جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. رابطا گروپ ڀ??رت تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل قومن ج?? لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل ج?? لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena