اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، معيشت، بئنڪنگ جي شعبي، فوڊ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٻطرفي ??عا??ن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل اهميت رکندڙ معاملن تي ??عا??ن وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ملائيش??ا جي وزيراعظم داتوسري ا??ور ابراهيم جي وچ ۾ ملاقات دوران چئي وئي. صدر ملائيش??ا جي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي ملائيشيا سان وڏي ا??ميت ڏي ٿو ۽ هو ٻطرفي ??عا??ن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملائيش??ا جي وزيراعظم جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ??عا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته ??ها اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ ۽ ظلمن کان روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. ملائيش??ا جي وزيراعظم داتوسري ا??ور ابراهيم صدر کي ٻڌايو ته هن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار پڻ موجود هئا.
صدر سان ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي ملاقات، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ