پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي جو امن اسان جي ترجيحن ۽ اڄ جي جرڳي جي هڪ ئي ايجنڊا آ??ي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو جرڳو منعقد ڪرڻ تي جتي صوبائي حڪومت جو آئون ٿورائتو ??هي??ن اتي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمد تي سندس خصوصي طور ٿورو مڃيان ٿو. هن چيو ته مان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو به ٿورائتو ??هي??ن جن اهو جرڳو منعقد ڪيو. هن چيو ته اسان جا سياسي اختلاف موجود آهن، هن خطي ۾ افغانستان جو مسئلو اسان جي آڏو ??هي?? جتي عالمي برادري ڳالهين سان مسئلي جي حل تي متفق ٿي. خيبر ض??عي جي حوالي سان هن چيو ته اسان وٽ وقت گهٽ آهي ۽ اسان کي سڀني کي ڳالهين تي راضي ڪرڻو ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪجهه مطالبا صوبائي حڪومت جا هوندا ڪجهه وفاقي حڪومت جا هوندا، هتي وڏو وزير ويٺو آهي ۽ گهرو وزير به ۽ سياسي قيادت به اسان کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو ??هي?? هن چيو ته امن جي صورتحال خراب ??هي?? صوبي جا ڪيترائي علائقا اڄ به نوگو ايرياز آهن اسان سڀني کي م??حد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو.
اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب