لاهور-25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ آهي، جيڪو ڪلمه طيبه جي بنياد تي وجود ۾ آيو، جنهن به هن ملڪ سان غ??اري ڪئي بربادي ان جو مقدر بڻي، مان ڪڏهن به عهدي پٺيان ناهيان ڊوڙيو، ڪيترن ئي حڪومتي عهدن تي رهيس ۽ هميشه ملڪ جي خ??مت ڪئي. انهن خيالن جو اظهار هن حضرت دات?? گنج بخش علي هجويري جي عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن محفل موسيقي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خوراڪ وارو صوبائي وزير بلال ياسين به ساڻس گڏ هو. ڊپٽي وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته مون کي محمد نواز شريف جي هر حڪومتي دور ۾ ڪيترائي اهم عهدا مليا، ڪيترن ئي عهدن تي مقرر ٿيڻ تي مان پاڪستان جي ڀرپور خ??مت ڪئي ۽ هميشه پنهنجي ذاتي مفادن تي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته هي هڪ روحاني ڳالهه آهي ته مان جڏهن بي ڪام جي تعليم مڪمل ڪئي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين حضرت دات?? گنج بخش جي مزار تي حاضري ڏئي رهيو آهيان، هي انهن هستين جو هڪ طرفو ڪرم آهي، باقي مان ته گنهگار ماڻهو آهيان، اها به الله تعاليٰ جي ڪرم نوازي هوندي آهي ته هڪ گنهگار کان نيڪي جو ڪم وٺي. اسحاق ڊار چيو ته حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جڏهن به ننڍي کنڊ جي ان خطي ڏانهن ڏسندو آهيان ته مون کي اتان ٿڌڙي هير ايندي محسوس ٿيندي آهي. محفل موسيقي ۾ ويٺل ماڻهن کي مخاطب ٿيندي نائب وزيراعظم چيو ته جتي اوهان اڄ ويٺا آهيو، اتي ڪيترائي فوٽ گند ڪچري جا ڍير هوندا هئا، هت?? پهرين ڪمرشل مارڪيٽ ٺهڻي هئي، پوءِ هت?? مسجد تعمير ڪئي وئي ته جيئن جي ٽي روڊ کان مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
پاڪستان ڪلمه طيبه جي بنياد تي وجود ۾ آيو، ڪيترن ئي حڪومتي عهدن تي رهي ملڪ جي ڀرپور خدمت ڪئي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ