اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ت?? ڪشميري عوام پنهنجي ??ودمختياري جي ??ق تي ڪو ٺاهه نه ڪندي، پاڪستان جي ??وام ڪالهه ب?? ڪشميري عوام سا?? گڏ بيٺل هو، اڄ به بيٺل آهي. اها ڳالهه هن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير پراڻو مسئلو آهي، ڪشمير جي ماڻهن 1931ع ۾ پنهنجي ??لامي جي ??لاف آواز بلند ڪيو هو، پاڪستان قائم ٿيڻ وقت ب?? ڪشميري قيادت خودمختياري جي ??ق جو مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته ڀارت جبري الحاق ڪري ڪشمير کي پاڻ سا?? گڏ شامل ڪيو، ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي ??لاف ڪشميرين جي چوٿين نسل به ڄمي بيٺل آهي، ڪشميرين جي هر نسل پنهنجي ??هادري جو هڪ نئون داستان لکيو آهي. هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڀارت ڪشمير کي قبرستان بڻائي ڇڏي ۽ سمجهي ته امن ٿي ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جا ماڻهو مسلسل پنهنجي ??ق جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪشميري عوام ۽ انهن جي ??ودمختياري جي ??ق سا?? گڏ بيٺل آهي، ڪشميري عوام پنهنجي ??ودمختياري جي ??ق ۽ آزادي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ڪالهه ب?? ڪشميرين سا?? گڏ بيٺل هئي ۽ اڄ به بيٺل آهي ۽ جيستائين انهن کي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي ان وقت تائين بيٺل رهندي. ان کان اڳ ريلي جي ??روعات پرڏيهي آفيس کان ٿي جيڪا ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي. ريلي جي قيادت ثقافت واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه ڪئي جڏهن ته مذهبي معاملن وارو نگران وفاقي وزير انيق احمد، نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ۽ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي به ريلي ۾ شريڪ ٿيا. ريلي ۾ مختلف وزارتن جي ملازمن، پاڪستان سوئيٽ هومز جي ٻارن سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي پائمالين ۽ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي ??لاف بينرز ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا جڏهن ته شرڪت ڪندڙن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي ??ديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. ريلي جي ??رڪت ڪندڙن ”ڪشمير ٺهندو پاڪستان“ جا نعرا هنيا. پارليامينٽ هائوس آڏو ڊي چوڪ پهچڻ تي سائرن وڄايا ويا ۽ والاريل ڪشمير جي ??هيدن ??ي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ريلي جي ??رڪت ڪندڙن هڪ منٽ جي ??اموشي اختيار ڪئي.
ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق تي ڪو ٺاهه نه ڪندي، پاڪستان جي عوام ڪالهه به ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل هو، اڄ به بيٺل آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : loteria estadual