اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا موقعا فر??هم ڪيا وڃن، جي??ڏه?? ماڻهو پنهنجي پسند جا ليڊر چونڊ نه ڪري سگهي ته جمهوريت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چ??و ته معيشت ??ميت سمورن ممڪن محاذن تي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سياسي، اداراجاتي ۽ ٻين ڌرين جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي. هن چ??و ته تلخيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ تعاون ۽ درگزر جو رستو نڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته مشڪل فيصلن جي لاءِ عوام جي حمايت ۽ انهن جي حصيداري گهربل هوندي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊون اسان جي ملڪ جي نئين سر تعمير جي لاءِ ضروري تحريڪ پيدا ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي. صدر سمورن سياسي اڳواڻن پاران ڏنل ??يا??ن کي پڻ ساراه??و ته هڪ برابري جو ميدان هجڻ گهرجي ڇو ته شموليت جو هي ??هم ۽ واحد معاملو جمهوريت جي روح آهي.
ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی