اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام کي جيڪي بل مليا اهي جولاءِ جا آهن، نگ??ان حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بد??ان اسان کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، اسان جو ڌيان عوام کي ريليف ڏيڻ تي آهي، اسان ذميوار آئيني نگ??ان حڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ان مسئلي جو نوٽيس ناهي ورتو، سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان مسئلي تي ڳالهه ٿيندي، اميد آهي عوام کي ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ??ار?? نگ??ان وفاقي وزير چيو ته نگ??ان وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي جي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو، اڄ به بجلي جي بلن جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين سان اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته ان ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ميديا کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جي سببن کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي سياسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، اسان ان کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چيو ته اسان کي سمورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بد??ان اسان کي ان مسئلي جي حل طرف وڃڻ گهرجي، اسان کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي فرق کي سمجهڻو پوندو. هن چيو ته عوام ڊسڪوز جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ بد??ان ان مسئلي جي حل طرف اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ??ار?? نگ??ان وفاقي وزير چيو ته نگ??ان حڪومت جي مدي جو تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن ??ار?? ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ آئين جي آ??ٽي??ل 51 تحت چونڊن جي حوالي سان پورو شيڊيول پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
عوام کي مليل بل جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی