مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي پريس ايجنسي (اي?? پي اي) چئن عالمي خابرو ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن. پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ مصر جي خابرو ايجنسين سان ??راڪتداري ذريعي ميڊيا تي پيغام پهچايا ويندا ۽ ميڊيا مواد ۾ نيون ٻوليون استعمال ڪيون وينديون.انڊونيشيا، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي خابرو ايجنسين سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ نيوز ايجنسي (ايم اي اين اي) سان ??راڪتداري جو مقصد انهن جي سرڪاري ويب سائيٽن ۽ انهن جي ميڊيا نيٽ ورڪ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي اشاعت جي دائري کي وڌائڻ آهي، اها شراڪتداري ٻن مقدس مسجدن جي خدمت ۽ مقدس هنڌن تي رهائش ۽ چر پر جي حوالي سان ??دمتن جي بهتري لاءِ سعودي مملڪت طرفان ڪيل ڪوششن تي به روشني وجهندي. ان ??راڪت سان هر سال حج جي سڄي سيزن ۾ اي?? پي اي طرفان فراهم ڪيل خبرن جي ڪوريج ۾ اضافو ٿيندو، اي?? پي اي مڪي پاڪ ۽ ٻين مقدس هنڌن ۾ پنهنجي ميڊيا مرڪزن ذريعي پنهنجي عالمي شراڪتدارن کي ميڊيا خدمتون فراهم ڪندي. سعودي پريس ايجنسي پوري توانائي ۽ فني تيارين سان ڪوريج جي ڪوششن جي حمايت لاءِ هڪ گڏيل نيوز ايڊيٽنگ روم به قائم ڪيو آهي. اهي ڪوششون حج جي روحاني اجتماع کي اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامي روايتن مطابق ميڊيا جي شاندار ڪم کي پيش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. عالمي خابرو ايجنسين سان ??راڪتداري سعودي قيادت طرفان ??اجين لاءِ مختلف ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪندي فراهم ڪيل آسان ??ريقيڪار کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. سعودي حڪومت هڪ مربوط نظام ۽ طريقيڪار مطابق حاجين کي سهولتون فراهم ڪندي آهي. اها شراڪت عالمي خابرو ايجنسين کي اي?? پي اي سان پنهنجي سهڪار ذريعي مواد ۽ پيغام جي حوالي سان هڪ نئون تجربو به فراهم ڪندي. اي?? پي اي اهڙو قدم کڻڻ جي خواهشمند آهي جيڪو گڏيل ميڊيا ورڪ لاءِ هڪ معياري مرحلي جي نمائندگي ڪندو هجي. نئين ٻولين ۾ شراڪتداري ذريعي ميڊي?? پيغام ڀاشا، اردو، پشتو، سنڌي، بلوچي، ملائي، تامل ۽ هسپانوي ٻولين ۾ اماڻيا ويندا. جنهن سان ??ي?? پي اي طرفان فراهم ڪيل خدمتن کي تقويت ملندي. جڏهن ته اي?? پي اي ان کان ??ربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني ۽ فارسي ميڊيا مواد پيش ڪري رهي آهي.
سعودي پريس ايجنسيءَ چئن عالمي خابرو ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا