اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪي?? آهي. پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي ??يادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آم??يڪ?? وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي دهشتگردي جي خاتمي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آم??يڪ?? امداد جي ??نصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪي?? ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ صل??حي?? وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي صل??حي?? کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪي??. ڌرين دهشتگردي جي ??الي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي ??ڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪي??.
پاڪستان ۽ آمريڪا پاران هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ، ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado