اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورا مذهب امن، محبت ۽ ڀائيچاري ??ي تعليم ڏين ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن کي انهن جا سمورا حق حاصل آهن، ملڪ کي قائدا??ظم ۽ علامه اقبال جي فڪر موجب هلائينداسين، نيشنل مينارٽي ڪمي??ن جو ڊرافٽ ٺهي چڪو آهي، ان کي جلد قانون جي شڪل ڏينداسين، حڪومت اقليتن جي بنيادي حقن ??ي تحفظ جي پاسداري ۽ انهن کي تحفظ جي ضمانت فراهم ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيرا??ظم آفيس ۾ ڪرسمس جي حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جيمز اقبال کانسواءِ هندو، سک ۽ پارسي سميت مختلف ڪميونٽيز سان تعلق رکندڙ اڳواڻ ۽ معزز پڻ موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ته اڄ اسان سڀ هتي مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ آهيون، آئون ڪرسمس تي مسيحي برادري کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان قائم ٿيڻ ??ي تحريڪ کان وٺي اڄ تائين مسيحي ڪميونٽي جي پاڪستان جي لاءِ بي شمار خدمتون ۽ قربانيون آهن، اسان سڀ دل جي گهراين سان انهن جو قدر ڪريون ٿا، پاڪستان ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جسٽس ڪارنيليس، گروپ ڪيپٽن سيسل چوڌري، سسٽر رٿ فائو سميت مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي نمايان شخصيتن تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيرا??ظم چيو ته دفاع ۽ تعليم جي شعبي ۾ مسيحي برادري جو وڏو اهم ڪردار آهي، آئون پاڻ به مسيحي اسڪول مان پڙهيو آهيان، ميڊل پال ميري معلمه هئي، هوءَ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي. وزيرا??ظم چيو ته حضرت عيسيٰ امن، ڀائيچاري، برداشت ۽ صبر جو پيغام ڏنو، حضرت عيسيٰ کي اسان به نبي مڃون ٿا، سمورا مذهب پنهنجي پنهنجي دائري ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري ??ي تعليم ??ي تعليم ڏئي رهيا آهن. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي، سک، هندو، پارسي سميت سمورين برادرين کي قائدا??ظم جي 11 آگسٽ 1947ع جي پيغام ۽ پاڪستان جي آئين تحت انهن جا سمورا آئيني ۽ سياسي حق برابر حاصل آهن، سڀني کي پورو حق آهي ته آئين تحت آزادي سان ڪم ڪن. وزيرا??ظم گذريل ڏهاڪن ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي بدقسمت واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان اقليتن جا حق متاثر ٿيا پر پوءِ به اسان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪيو، گذريل ڏينهن ئي بنون ۾ عوام کي يرغمال بڻائيندڙ دهشتگردن کي پاڪ فوج جي سپوتن جهنم واصل ڪيو، ان دوران اسانجي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر جوانن شهادت پڻ ماڻي. وزيرا??ظم چيو ته هي اهو آهي جنهن جو بنياد قائدا??ظم رکي??. و??يرا??ظم ورڇ کان اڳ اسيمبلي جي اسپيڪر ايس پي سنگها کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن جي فيصلائتي ووٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سمورن ڪميونٽيز قربانيون ڏنيون، سمورا مذهب امن، محبت ۽ ڀائيچاري جا پوئلڳ آهن، اسلام ۾ ڪو ڏاڍ نه آهي، ڪو به مذهب ٻين تي ڏاڍ ??ي تعليم نه ٿو ڏي. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت اقليتن جي بنيادي حقن ??ي تحفظ جي پاسداري ۽ انهن کي تحفظ جي ضمانت فراهم ڪري ٿي، جتي به امن امان ۾ ڪو خلل پيد اٿيندو ۽ زيادتي ٿيندي قانون برداشت نه ڪندو، ماضي ۾ جيڪڏهن اهڙا واقعا ٿيا ته ان تي افسوس آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ علامه اقبال جي فرمانن ۽ قائدا??ظم محمد علي جناح جي خواب ??ي تعبير بڻائينداسين، پاڪستان جو آئين اقليتن ??ي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، اسان ان کي عملي جامعو پارائينداسين. وزيرا??ظم چيو ته قومي اقليتي ڪمي??ن جو ڊرافٽ ٺهي چڪو آهي، ان کي جلد پارليامينٽ ۾ آڻينداسين ۽ قانون جي شڪل ڏينداسين. هن مسيحي اڳواڻ جي مطالبي تي ايڊورڊز ڪاليج پشاور جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي پڻ خاطري ڪرائي ۽ چيو ته لاڳاپيل عملدارن ۽ صوبائي حڪومت سان مشاورت ڪئي ويندي. وزيرا??ظم سمورن ڪميونٽيز کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ امن ۽ آشتي سان هتي سڀ رهندا. ان کان اڳ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سمورن ڪميونٽيز تي ٻڌل خوبصورت گلدستو آهي، وزيرا??ظم حقيقي معنيٰ ۾ خادم پاڪستان آهي ۽ مخالف به ان جي صلاحيتن جا معترف آهن، هو مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ پاڻ هتي موجود آهي، سمورا مذهب، اخوت، ڀائيچاري ۽ محبت جا علمبردار آهن، ڪنهن انسان تي عقيدي جي حوالي سان ڪا پابندي نه آهي، اسان انتهاپسند نه آهيون پر اسان سڀ هڪ گلدستي وانگر آهيون، دهشتگردي ۽ شدت پسندي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، پاڪستان ۾ ڪنهن تي ڪو ڏاڍ نه آهي، هر انسان پنهنجو عقيدو رکڻ ۾ آزاد آهي، اسلام رياست جي حڪمرانن جي سمورن شهرين سان هڪ جهڙو سلوڪ رکڻ ۽ سڀني جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪو فرق ناهي رکيو. هن وزارت پاران مختلف ڪميونٽيز جي حقن ??ي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو ۽ چيو ته قومي هم آهنگي جي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. قومي اسيمبلي ميمبر جيمز اقبال چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن پڻ هن ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان ۾ سمورن اقليتن کي مڪمل آزادي آهي، وزرا??ظم ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ زبردست ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان انهن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهيون. اقليي ڪمي??ن جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي چيو ته پاڪستان ۾ اقليت پنهنجا ڏينهن پنهنجي انداز سان ملهائين ٿا ۽ انهن کي آزادي حاصل آهي، سڀ ئي برادريُون گڏجي مذهبي هم آهنگي جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن موجوده حڪومت پاران اقليتن جي حقن ??ي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بشپ سرفراز پيٽر تقريب ۾ ڪرسمس جو پيغام پڙهي ٻڌاي??. و??را??ظم سمورن ڪميونٽيز جي نمائندن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
سمورا مذهب امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي تعليم ڏين ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج