اسلام آباد – 13 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يو اي اي ج?? صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شيخ خليفه زيد النهيان پنهنجي ??لڪ جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس دور ۾ گڏيل عرب امارات تيز رفتار ترقي ڪئي، مرحوم پنهنجي ??لڪ جي لاءِ پ??ريون اسٽريٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ته يو اي اي ج?? شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔