اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغا??ست??ن جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ??رب رپين جي امدادي پئڪيج، افغا??ست??ن مان پاڪستان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، دنيا افغا??ست??ن جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغا??ست??ن جي لاءِ خاص طور تي قائم بين الوزارتي رابطا سيل جي دوري ۽ افغا??ست??ن جي لاءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو مي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ ا??ليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ايپڪس ڪميٽي کي افغا??ست??ن جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ انساني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغا??ست??ن جي لاءِ 5 ??رب رپين جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي. امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، دوائون ۽ ميڊيڪل سامان ۽ سردين جي لاءِ سامان شامل آهي. ان کانسواءِ افغا??ست??ن مان پاڪستان اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي لاءِ مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي. انساني همدردي جي بنياد تي وزيراعظم افغا??ست??ن جي لاء?? ڀارت پاران 50 هزار ميٽرڪ ٽن امدادي ڪڻڪ جيڪا پاڪستان مان گذري وڃڻي آهي، جي لنگهه جي اجازت ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته علاج جي لاء?? ڀارت ۾ ڦاٿل افغانين جي پاڪستان جي رستي وطن واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ افغانين رهواسين جي سهولت لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ ٽن هفتن جي اندر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم افغا??ست??ن جي امداد جي لاءِ قدمن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ کي ساراهيو ۽ ا??مينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان رهواسين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، سرحدن تي مقرر اهلڪارن جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ سرحدن جي صوابديدي بندش نه ڪ??ي وڃي. ايپڪس ڪميٽي افغا??ست??ن ۾ هنگامي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت افغان رهواسين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم چيو ته افغان بهادر ترين قوم آهي، جن مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، سالن جي تڪرارن کانپوءِ عالمي برادري تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها افغان عوام جي مدد ڪري ته جيئن اهي امن ۽ ا??تحڪام جي ماحول ۾ رهي سگهن. هن چيو ته دنيا افغا??ست??ن جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم قومي سلامتي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته هو افغا??ست??ن جو دورو ڪري ۽ وفدن جي سطح تي پڻ افغان عمدارن سان امداد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وڃن.
وزيراعظم پاران افغانستان لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، افغانستان مان پاڪستان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات