اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا ادارا خودمختيار ۽ آئين موجب ڪم ڪري رهيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن سچو آهي ته پاڻ کي نيب جي سامهون پيش ڪرڻ کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟ جيڪڏهن شهباز شريف سچو ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته شريف خاندان ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان داستان لکيا آهن. مملڪتي ??زير چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين آئين جي بالادستي ۽ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙي قانون جي ڳالهه ڪئي آهي. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ نه هو تڏهن به پاڻ کي احتساب لاءِ عدالتن جي سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته شريف خاندانن ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان دستان رقم ڪيا آهن. عمران خان پن??نج?? مني ٽريل عدالت جي سامهون رکي ۽ سپريم ڪورٽ صادق ۽ ام??ن قرار ڏنو. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ صرف پن??نج?? ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهي آهي، ن ليگ جي دور ۾ ڪرپشن جي بازار گرم هئي، مملڪتي ??زير چيو ??ه جيڪو ج??تر?? ڪرپشن ڪندو هو ان کي ا??تر?? ئي وڏو عهدو ڏنو ويندو هو، وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ مافيا سان مهاڏو اٽڪايو آهي، مملڪتي ??زير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ ڪيل مهانگن معاهدن جو نتيجو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.
شهباز شريف سچو ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار