اسل??م آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي ناهيون ڪندا، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وارو آهيان، اسان وڏي مشڪل وقت م??ن نڪري آيا آهيون، هاڻي بهترين وقت اچي رهيو آهي، مخالف اقتصادي و??ڌ جي شرح تي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي اوپار ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪ??ام?? زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ نه رڳو خيبرپختونخوا پر پاڪستان لاءِ به خوش آئنده ڏينهن آهي، صنعت سازي کانسواءِ دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه آهي، رشڪئي اڪ??ام?? زون سي پيڪ جو حصو آهي، وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، مغرب جي صنعتي ترقي پراڻي ڳالهه آهي، اسان کي چين جي صنعتي ترقي مان سکڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير کي هدايت ڪئي ته زون جون زمينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي صنعتڪارن کي ڏنيون وڃن ته جيئن صنعتون قائم ٿين، بجاءِ ان جي ته زمينن جو خريد ۽ وڪرو ٿئي ۽ ليز به گهٽ رکو ته جيئن صنعتڪار هتي صنعتون قائم ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته هتي اهڙيون صنعتون لڳنديون جنهن سان روانگي و??پار وڌي. وزيراعظم چيو ته جيستائين اسان روانگي و??پار نه وڌائينداسين ته دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه ٿيندو، رڳو اناج ۽ گله وڪرو ڪري اسان ترقي نٿا ڪري سگهون، چين جهڙي طرح صنعت کي ترقي ڏني ۽ روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ اڪ??ام?? زون ٺاهيا اسان کي به ٺاهڻا پوندا، بدقسمتي سان ماضي ۾ روانگي و??پار وڌائڻ تي ڌي??ن نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ نه بڻايو ويو. رشڪئي اڪ??ام?? زون جي قيام سان روانگي و??پار ۾ اضافو ٿيندو هن وڏي و??ير کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري، ون ونڊو آپريشن هجڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته چين جون صنعتون هاڻي اهڙن ملڪن ۾ منتقل ٿي رهيون آهن جتي لاڳت گهٽ ا??ندي آهي، اسان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ جا خواهشمند آهيون. اسان ٻاهرين ملڪ پنهنجي سيڙپڪارن کي به ترغيب ڏينداسين جيڪي بنگلاديش، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فيڪٽريون لڳائيندا آهن ته هتي ڇو نٿا لڳائين.
آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي ناهيون ڪندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون