اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪج??تي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وفد ??ي قيادت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سي??ريٽري ثوبيه ڪمال ڪري رهي آهي. وفد مظفرآباد ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن سان ملاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان يڪج??تي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پيش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن پارلياماني سي??ريٽري ثوبيه ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پوري قوم احتجاج ڪري رهي آ??ي، ڀارت 70 سالن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آ??ي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻو پوندو، ڀارت جون هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سي??ريٽري اعجاز احمد خان وفد کي روانو ڪيو.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں