اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ ڪاروبار ۾ آساني ??يد?? ڪرڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ ??و اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت تيل ۽ گئس ??ي ڳولا، ريفائنرين، تيل ۽ گئس ذخيرو ڪرڻ، پائيپ لائينن جي تعمير، ايل پي جي ۽ ايل اين جي جي شعبن ۾ پاليسي سڌارن ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون ??يد?? ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويندا، تيل ۽ گئس ??ي ڳولا ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ مختلف ادارن کان منظوري وٺڻ جو عمل 24 کاتن کان گهٽ ڪري 14 کاتن تائين ڪيو ويو آهي. روڊ ميپ ??و اعلان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خصوصي معاون نديم بابر وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ بجلي ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر