اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آزاد ڪشمير جي عو??م جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ علائقي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ وفاقي حڪومت جي مسلسل مدد کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان ۽ سندس ٽيم سان ملاقات ۾ ڪئي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار پڻ شامل هئا. وزيراعظم آفيس ۾ ٿ??ندڙ ملاقات ۾ ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر، قانون وارو وفاقي وزير چوڌري محمود بشير ورڪ، وزيراعظم جو س??ڪريٽري، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاور ڊويزن وارو س??ڪريٽري ۽ ڪشمير معاملن وارو س??ڪريٽري ۽ ٻيا سرڪاري عملدار شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم