اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ??اري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته سندس ڪم الزام هڻ?? آهي ۽ ثبوت ان وٽ موجود نه آهن، عمران خان الزام هڻي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌرڻو هنيو، گادي واري شهر کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ۽ ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ت?? مني لانڊرنگ ٿي، پا??ست??ن جي عوام جو پئسو ڦريو ويو ۽ ٽيڪس چوري ٿيو پر عدالت ۾ تسليم ڪيو ت?? سندس ڪم الزام هڻ?? آهي، ثبوت ڏيڻ نه آهي، عمران خان کي پن??نج?? بيان تي شرمنده ٿيڻ گهرجي، هن قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ته هن وٽ ثبوت آهن، تحريڪ انصاف پاران چونڊيل وزيراعظم تي بي بنياد الزام افسوسناڪ آهن، ملڪي ترقي جي سفر ۾ رڪاوٽون وجهندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا هئا ۽ مستقبل ۾ به انهن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ت?? پا??ست??ن جي ترقي روڪڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي سياست ڪئي پئي وڃي.
عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته وٽس ثبوت نه آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa