باڪو – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان هم آهنگ تصورن جي ذريعي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن، اسان سمجهون ٿا ته سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي عالمي قانون جي فريم ورڪ تحت ڳالهين ۽ پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي، و??ير??عظم چيو ته هو ٻين جي کلي جارحيت باوجود پرامن پاڙيسري ۽ ترقي جي لاءِ امن جا ترجمان رهيا آهن تنهن هوندي به امن جي اصولن تي ??ار??ند رهڻ جو غلط مطلب وٺندي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ نگورنو ??ار??باخ جي مسئلي تي هڪٻئي جي لاءِ حمايت، ويجهي افهام و تفهيم ۽ خيالن ۾ هم آهنگي جو ثبوت آهي. نگورنو??ار??باخ تي پاڪستان جي موقف جو ورجاء?? ڪندي و??ير??عظم نواز شريف والاريل آذري علائقن جي واپسي، آرمينين فوج جي نڪرڻ ۽ پناهگيرن جي واپسي جو مطالبو ڪيو.
پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ