بيروت-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته اسر??ئي?? جا لبنان تي حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھن، انهن حملن ۽ بمباري سبب آبادين کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي پناھگرين واري شعبي جي سربراه فليپو گرينڊي بيروت ۾ ميڊيا سان ڳالھ??ئي??دي چيو ته اسر??ئي?? طرفان لبنان تي حملن ۽ بم ڌماڪن سبب شهري آبادي کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي، اھا سراسر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، حملن جي نتيجي ۾ شھري شھيد ۽ علائقي جو انفراسٽرڪچر (بن??اد?? ڍانچو) تباهه ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته سموريون ڌريون غزه ۽ لبنان ۾ ان تباھي کي روڪين، هڪ اندازي مطابق لبنان ۾ اسر??ئي??ي بمباري سبب ھيست??ئي?? 12 لک شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه ۾ اسر??ئي??ي جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ امن جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو آهي. پن??نج?? ويڊيو پيغام ۾ هن چيو آهي ته 7 آڪٽوبر غزه ۾ اسر??ئي?? طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي خوفناڪ واقعن تي قدرتي طور تي ڌيان ڏيڻ جو ڏينهن آهي. هن سمورن متاثرن ۽ سندن پيارن سان پن??نج?? يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سربراهه لبنان ۾ اسر??ئي??ي حملن ۽ بمباري تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 10 لک کان وڌيڪ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته گذريل سال غزه ۾ اسر??ئي?? جي خوفناڪ حملن کانپوءِ شروع ٿيل جنگ انساني زندگين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عزه ۾ فلسطينين ۽ هاڻي لبنان جي ماڻهن کي شديد انساني ڏکي??ئي?? کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته غزه ۾ اسر??ئي??ي جارحيت دوران 41825 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن. جنگ دوران 17 لک کان وڌيڪ ماڻهو مقامي طور تي بي گهر ٿي چڪا آهن.
لبنان تي اسرائيل جي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج