باڪو _21 آگسٽ (اي پي پي ) آذربائيجان باضابطه طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آه??. الجزيره مطابق آذربائيجان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آئيحان حاجي زاده چيو آه?? ته سندس ملڪ برڪس جو ميمبر بڻجڻ لاءِ باضابط درخواست ڏني آه??. آذربائيجان ۽ چين وچ ۾ ”اسٽريٽجڪ شر??ڪتداري جي قيام بابت گڏيل پڌرائي “ قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ 03 ۽ 04 جولاءِ تي منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي مُل??ي سربراهن واري اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي هئي. پڌرائي ۾ واضع ڪيو ويو آه?? ته آذربائيجان پاران برڪس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته چين ان درخواست جي آجيان ڪئي آه??. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي 18 ۽ 19 آگسٽ تي آذربائيجان ج?? سرڪاري دوري جي ۾ منظور ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو هو ته روس برڪس ۾ آذربائيجان جي شرڪت جي حمايت ڪري ٿو. جون 2006ع ??ي سينٽ پيٽرز برگ انٽر نيشنل اڪنامڪ فورم ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين گڏجي برڪس جو بنياد وڌ?? هو. سال 2010ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ ان ئي سال مصر، ايٿوپيا جي شرڪت سان هڪ گهڻ قومي تنطيم جوڙي وئي هئي. ايران ۽ گڏيل عرب امارات جي به شموليت سان ان کي وڌيڪ هٿي ملي. 40 کان وڌيڪ ملڪن برڪس ۾ شموليت لاءِ درخواستون ڏنيون آه??.
آذربائيجان باضابط طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ