گڏيل قومون-03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين مسئلي تي اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو. روسي خابرو اداري مطابق سلامتي ڪائونسل جي جنوريءَ ۾ صدارت ڪندڙ ملڪ فرانس جي مستقل نمائندي نيڪولس ڊي ريوير پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته 23 جنوريءَ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فلسطين سان گڏوگڏ خطي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ وچ اوڀر جي ملڪن سوڌو ڪيترائي و??ير شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ??رڻ گهرجي ۽ فسلطين ۽ اسرائيل تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ??رڻ گهرجي. فرانس جي ايلچي چيو ته اسان شهرين جي حفاظت جا پابند آهيون. غزه ۾ ترسيل 20 لک شهري جن ۾ ٻارڙا، پيرسن ۽ عورتون شامل آهن، اهي سڀ ده??تگ??د ناهن. هن چيو ته رفح ۽ ڪريم شالوم ڪراسنگ غزه کي ضروري انساني امداد فراهم ??رڻ لاءِ ڪافي ناهن. ان مسئلي جي حل لاءِ قبرص کان امداد فراهم ??رڻ لاءِ سامونڊي راهداري کولڻ گهرجي.
فلسطين مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو: فرانس جو نمائندو
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم