تل ابيب-26 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيل جي حڪومت آمريڪا جي سڀ کان وڏي سيمي ڪنڊڪٽر چپ مينيوفيڪچرر ڪ??پني انٽيل کي ملڪ ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري تي 3.2 ارب ڊالرن جي گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ??يو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق انٽيل هلندڙ س??ل جون ۾ اسرائيل جي ڏکڻ حصي ۾ 25 ارب ڊالر جي لاڳت سان نئين چپ پلانٽ جي تعمير جو اعلان ??يو آهي اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو انٽيل جي ان فيصلي کي بي مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته هي اسرائيلي ۾ ڪنهن پرڏيهي ڪمپني جي هاڻ تائين سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي. واضح رهي ته 182 ارب ڊالرن کان وڌيڪ اثاثا رکندڙ آمريڪا جي ملٽي ني??نل ڪمپني انٽيل جون 1974ع کان پوءِ اسرائيل ۾ مختلف هنڌن تي 3 تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪزن سان گڏوگڏ ڪريات گاٽ ۾ هڪ مينيوفيڪچرنگ پالنٽ به قائم ??يو آهي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔