اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ??ه معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏي?? جي لاءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن، سمورن اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري آ??ي، ناڻي واڌ ۽ مالي خسارو گهٽ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو. وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي لنڊن کان وڊيولنڪ ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس موجوده حڪومت کي چوٿين بجيٽ تيار ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جيڪا 3 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته هو قوم جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، 2013ع ۾ جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ??ه معيشت جي صورتحال ڪمزور ه??ي، غيرمستحڪم مالي خساري، سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ۽ توانائي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏي?? جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏي?? جي لاءِ پاليسيون جوڙيون ۽ انهن تي ايمانداري سان عملدرآمد ڪيو ۽ اڄ ٽن سالن کانپوءِ پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪري رهيا آهيون.
ملڪ لاءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ