رياض -13 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت فنڊ (يونيسيف) جي هڪ عهديدار تصديق ڪئي آهي ته اتڪل 90 سيڪڙو سعودي ٻار انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا. نار ۾ عرب ملڪن لاءِ گڏيل قومن جي ٻارن و??ري فنڊ جي نمائندي الطيب آدم ٻڌايو ته ٻارن وٽ انٽرنيٽ جي استعمال ذريعي علم حاصل ڪرڻ ۽ صلاحي??ون پيدا ڪرڻ جا نمايان ۽ تمام گهڻا موقعا آهن، اهو ملڪ ۾ تيز رفتار ڊجيٽل انقلاب ڏانهن هڪ قدم آهي. هن وضاحت ڪئي ته ٻارن جي انٽرنيٽ جي استعمال ۾ غيرمعمولي اضافو خاص طور تي دنيا کي وڪوڙيندڙ وبائي بيم??ري کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو. ان جي نتيجي ۾ ڪيترائي بنيادي خطرا پيدا ٿيا جن ۾ ڊجيٽل اسپيس ۾ ٻارن جي حفاظت جي ذريعن ۾ گهٽتائي، ٻارن کي تشدد ۽ انهن جي جنسي استحصال جي امڪانن ۾ ا??اف?? ٿيو.
مضمون کا ماخذ : کڑک