گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل کانپوءِ گڏيل قومن ۾ ڀارتي پ??ڏيهي وزير ايس جئه شنڪر ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ ميمبر رياستن تي زور ڀريندي چيو ته هو د??شت??ردي، انتهاپسندي ۽ تشدد خلاف قدمن جو تعين ڪرڻ لاءِ ??ياسي سهولت جي اجازت نه ڏين. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جو ڌيان ڀارت جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس، ??ال??ي معاملن ۾ ڀارتي قيادت جي ڪردار ۽ ڀارتي خلاباز جو چنڊ تي وڃڻ جهڙين ڪاميابين طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته جڏهن اسان هڪ مڃيل طاقت بڻجڻ جي خواهش رکون ٿا ته هي پنهنجي برتري لاءِ ناهي پ?? وڌيڪ ذميواري کڻڻ ۽ وڌيڪ تعاون ڪرڻ لاءِ ??هي، هن چيو ته اسان پنهنجي لاءِ ??يڪي هدف مقرر ڪيا آهن اهي اسان کي انهن سمورن ماڻهن کان مختلف ڪندا جن جو عروج اسان کان پهرين هو. حقيقت ۾ گڏيل قومن ۾ ڀارت جي عادت آهي ته هو سڌو سنئون پنهنجي تنقيد تي ڳالهه ناهي ڪندو، ان ڏس ۾ ڀارتي پ??ڏيهي وزير چيو ته دنيا کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته سياسي سهولت د??شت??ردي، انتهاپسندي ۽ تشدد جي قدمن جو تعين ڪري ٿي.
سک اڳواڻ جو قتل: گڏيل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب