اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گلن ۽ ايس سي ا?? ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي ا??م هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وز??راعظم لي چيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻي اعليٰ تري?? فورم ايس سي ا?? سي ا??ڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وز??راعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وز??راعظم رومن گولوو چينڪو، قزخستان جو وز??راعظم اولز هاس بيڪتا نوف، روس جو وز??راعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وز??راعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وز??راعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي وز??رن جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وز??ر سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وز??راعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي مهمان طور خاص نمائندگي ترڪمن وز??رن جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي ا?? جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ا??س سي ا?? ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ??يس سي ا?? بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ??يس سي ا?? انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي نمائندن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.
شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفد اسلام آباد پهچڻ شروع، پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ شهر کي سجايو ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ