رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. وزيراعظم ??هڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعودي عرب جي دوري جي دوران وزيراعظم ??ي خصوصي ڪوششن سان سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ وڌيڪ 600 ??لين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي عرب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم ??ي تازي سعودي عرب جي دوري ۾ 600 ??لين ڊالر جي اضافي سان مجموعي طور تي پاڪستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. ج??هن ته سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پاڪستان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 م??صوبن تي ڪم شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم ??ي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٿيل معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ