اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس گذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گهرو صدمو پهتو آهي. اسان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿ??. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي ?? ملوث شرپسند پاڪستاني ن?? ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان جا دشمن آهن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي ??اء?? جاچ جاري آهي ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي تحفظ جي ??اء?? پرعزم آهي. اسان انهن جي سلامتي ۽ حفاظت جي ??اء?? ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔