اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق آهن. گذريل ڏين??ن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن ۽ بصيرت کي خر??ج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قائداعظم جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جتي هو پنهنجي رسمن، رواجن ۽ عقيدن مطابق مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري سگهن. انهن خيالن جو اظهار ??ن باباءِ قوم جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر چيو ته باباءِ قوم جي زندگي اصول پسندي، جدوجهد، سياسي بصيرت، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سونهري اص??لن جو عملي نمونو هئي. هن چيو ته قائداعظم اهڙي رياست جي قيام جو خواب ڏٺو هو جتي ڪنهن کي لساني، طبقاتي، مذهبي ۽ عددي بنيادن تي فوقيت حاصل نه هجي. اسپيڪر ان موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي رهنما اص??لن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هن وقت ملڪ کي جن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي پاڪستان جي باني جي رهنما اص??لن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل پيرا ٿي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کي خر??ج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس سونهري اص??لن تي عمل پيرا ٿي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪيون. هن سمورين سياسي پا??ٽين کي پا??ٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي در??ن جي بلندي ۽ سندس سونهري اص??لن تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائڻ جي دعا گهري.
قائداعظم جي ڪري ئي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ساڀيان ٿيو: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج