اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار توانائي جي حفاظت ۽ اقتصادي ترقي لاءِ پيٽروليم شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته پيٽروليم شعبي جي مس??لن جي حل لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيا وڃن. جڏهن ته نائب وز??راعظم مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قد?? کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ مدد ملي سگهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وز??راعظم جي صدارت هيٺ پيٽروليم شعبي جي اي اينڊ پي ڪمپنين کي درپيش مس??لن تي غور لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي مقامي ۽ پرڏيهي اي اينڊ پي ڪمپنين جي سربراهن سرڪلر قرض جي وڌڻ سبب شعبي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام ??اب?? پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو .ڪميٽي جي خانگي شعبي جي ميمبرن پڻ ڊائون اسٽريم گئس شعبي ??اب?? پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي ڪمپنين لاءِ سيڪٽر کي کولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس دوران تفصيلي ڳالهين کان پوءِ پيٽروليم ڊويزن جي صنعت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.فورم پيٽروليم ڊويزن کي اوگرا آرڊيننس ۾ مناسب ترميمون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جئين گئس جي اگهن ۾ ماهوار يا ٽه ماهي بنيادن تي ايڊجسٽمينٽ لاءِ هڪ طريقيڪار متعارف ڪرائي سگهجي.سيڪيورٽي مس??لن جي حوالي سان گهرو ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته اي اينڊ پي ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي سهڪار لاءِ قد?? کنيا وڃن.
پيٽروليم شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيا وڃن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش