اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پٺتي پيل ??بقن جي ڀلائي لا??ِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد پاران ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گوادر ۾ آفيس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پٺتي پيل ??بقن جي ڀلائي لا??ِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. صدر بئنڪن پاران بينظير ڪارڊ هولڊرز کان 0.45 سيڪڙو سروس چارجز ڪٽوتي جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ته سروس چارجز ختم ڪرڻ جي لا??ِ اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته بئنڪن کي انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقين جا اڪائونٽ کولڻ جو چيو وڃي، ادائيگي جي جديد نظام سان پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن کي استحصال کان بچائي سگهبو. صدر وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لا??ِ ڊونرز ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي شموليت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر کي بينظير ڪفالت، تع??يمي وظيفن، انڊر گر??جو??يٽ اسڪالرشپس ۽ واڌويجهه پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ کيس ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران انڪم سپورٽ پروگرام جي لا??ِ 598.718 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير ڪفالت پروگرام فليگ شپ پروگرام آهي جڏهن ته ڪفالت پروگرام تحت سڄي پاڪستان ۾ اهل عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي غيرمشروط روڪ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بينظير ڪفالت پروگرام جي لا??ِ مالي سال 25 – 2024ع دوران 93 لک اهل خاندانن جي لا??ِ 461 ارب رپيا جڏهن ته اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ، گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي تع??يم جي فراهمي جي لا??ِ 77.18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته بينظير تع??يمي وظيفا پروگرام مان 97 لک ٻار فائدو کڻي سگهندا، ان سان گڏوگڏ انڊر گر??جو??يٽ اسڪالرشپس پروگرام تحت 10 هزار شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لا??ِ 1.7 ارب رپيا رکيا ويا. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غذائيت جي کوٽ ۽ واڌويجهه جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ 20 لک حاملا آ۽ کير پياريندڙ عورتن ۽ انهن جي کير پياڪ ٻارن کي خصوصي خوراڪ پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 2022ع ۾ ٻوڏ دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر 27 لک خاندانن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا. صدر معاشري جي مستحق ۽ پٺتي پيل ??بقي کي مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ساراهيو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌايو وڃي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج