اسلام آبا-08 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چي?? آهي ته سڀ کان پهرين ترجيح سکر کان ڪراچي تائين محفوظ ۽ معياري موٽر وي جي تعمير کي يقيني بڻائڻ آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي شاهراه?? تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندس. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هيڊڪوارٽرز ۾ رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چي?? ته واپاري نقطه نظر سان اسان جي سموري?? شاهراهن ۽ روڊ نيٽ ورڪ جو اصل هدف سينٽرل ايشيا جا ملڪ هجڻ گهرجن جنهن جو ملڪ ۽ قوم کي وڌ کان وڌ فائدو ٿيندو. هن چي?? ته هو کاتي کي نئون ٽاسڪ ۽ محڪماڻي ايڪشن پلان ڏئي رهيو آهي جنهن تحت سرڪاري فنڊز ڪنهن به صورت ۾ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪرپش?? تي ”زيرو ٽالرنس“ هوندي ۽ عوامي مفادن جي منصوبن کي قابل عمل بڻائيندي گهٽ ۾ گهٽ رقم مان وڌ مان وڌ فائدو حاصل ??نداسين. وفاقي وزير وڌيڪ چي?? ته اين ايڇ اي ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي، ٿوري ڪوشش سان هي ادارو سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين منصوبن ۾ پرڏيهي منصوبن جا ٺيڪا حاصل ??ري سگهي ٿو. هن اين ايڇ اي جي جاري منصوب?? تي ملٽي نيشنل ڪمپنين کان ٿرڊ پارٽي اويليويشن جي هدايت ڪندي چي?? ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پراڻو سسٽم ڇڏي پرائيويٽ سيڪٽر سان مقابلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ته اين ايڇ اي وسيلن کي وڌائي پنهنجي ملازمن ۽ آفيسرن جي پگهارن ۽ ٻين رعايتن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو جنهن سان نون منصوب?? تي ڪم جي رفتار تيز ٿيندي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي جي ڪنهن به شاهراهه تي مقرر وزن کان وڌيڪ ٽريڪن کي نه اچڻ گهرجي ۽ لاهور سيالڪوٽ سميت سمورن موٽر ويز تي ”ايم ٽيگ“ يقيني بڻائي ڊگهين قطارن کي ختم ڪرڻ گهرجي. عبدالعليم خان چي?? ته هو پاڻ به سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندو ته جيئن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن کي ڪم جي رفتار جو موقعي تي جائزو وٺي سگهجي. وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي گوادر سميت بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ مختلف منصوب?? تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. جنهن ۾ خضدار کان ڪچلاڪ، سراب کان قلات، قلات کان مستونگ، مستونگ کان ڪوئيٽا ۽ ڪوئيٽا کان ڪچلاڪ جو?? شاهراهو?? شامل آهن. اجلا س ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان کي نون ٽول پلازائن جي تعمير، بين الصوبائي شاهراهن ۽ اين ايڇ اي جي منصوب?? تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ضروري فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
سڀ کان پهرين ترجيح سکر کان ڪراچي تائين محفوظ ۽ معياري موٽر وي جي تعمير کي يقيني بڻائڻ آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندس: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری