اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ا??لا??ات واري وفاقي وزير کي ا??لا??ات واري وزارت سان گڏ ثقافت ۽ قومي ورثي جو اضافي قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ پائيدار ۽ گ??ڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي. ا??لا??ات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان م??قع?? تي ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو.
ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : رومن دولت