اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول ۽ عدم ڦهلاءُ تي ڳ??لهين جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيارن جو خاتمو) محمد ڪامران اختر ۽ برطانيا جي پرڏيهي، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس جي دفاع ۽ عالمي سلامتي واري ڊائريڪٽر اسٽيفن للي پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجم??ن پاران جاري بيان موجب ڳالهين دوران هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلا5 بابت موضوعن تي ڳ??لهه ٻولهه ٿي. ڌرين عالمي ۽ علائقائي سلامتي، نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز بشمول مصنوعي ذهانت جي فوجي استعم??ل ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال بابت مسئلن تي پنهنجي موقف جي حصيداري ڪئي. بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي جي ايجنڊا، هٿيارن جي خاتمي بابت ڪانفرنس سان گڏوگڏ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) ۽ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي واري تنظيم (او پي سي ڊبليو) بابت معاملا شامل هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڳالهه ٻولهه خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي ملڪن هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ بابت معاملن تي گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ج?? عزم جو اظهار ڪيو. ڳالهين جي انعقاد ۾ تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪندي ڌرين مشاورت جو ستون دور ايندڙ سال لنڊن ۾ گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخ ۾ تي منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. بيان موجب اها ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي ڳ??لهه ٻولهه جي هڪ باقاعده خصوصيت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن کي عالمي هٿيارن جي ڪنٽرول ۽ هٿيارن جي خاتمي جي منظرنامي جو جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول ۽ عدم ڦهلاءُ تي ڳالهين جو ڇهون دور
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا