اسلام آباد-09 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ مفڪر پاڪستان عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اق??ال جو 146هون يومِ پيدائش جوش ۽ خروش سان ملهايو ويو. علامه اق??ال جي يومِ ولادت جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل باوجود مختلف تنظيمن طرفان سيم??نا??ن جو بندوبست ڪيو ويو. سيم??نا??ن کي خطاب ڪندي مقررن علامه اق??ال جي زندگيءَ جي مختلف پاسن تي روشني وڌي. شاعر مشرق جي تحريڪ پاڪستان لاءِ جدوجهد کي سٺي انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت يوم اق??ال جي مناسبت سان ڪالهه سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو. علامه محمد اق??ال 9 نومبر 1877ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مان حاصل ڪئي ۽ 1905ع ۾ برطانيه هليو ??يو ۽ـ پوءِ وڪالت جي تعليم وٺڻ شروع ڪئي. وڪالت کانپوءِ جرمني هليو ??يو جتي هن پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. علامه اق??ال 1910ع ۾ وطن واپسيءَ کانپوءِ وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ ذريعي سياسي طور مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو. 1934ع تي مسلم ليگ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو ميمبر بڻيو، جڏهن ته طبيعت ان جو ساٿ نه ڏنو ۽ هو قيامِ پاڪستان کان 9 سال اڳ 21 اپريل 1938ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو 146هون يومِ پيدائش قومي جذبي سان ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں