اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون جي ٽئين بي??ٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران ??زيراعظ۾ بي??ٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران ??زيراعظم 18 آڪٽوبر تي ”هڪ کليل عالمي معيشت ۾ رابطي“ جي عنوان سان ??نعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ ۽ سينيئر چيني اڳواڻ کانسواءِ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ??طرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته نگران ??زيراعظم چين ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهم چيني واپارين سان ??ڻ ملاقاتون ڪندو. هو چين جي سنڪيانگ خودمختيار علائقي ارومچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو جنهن جو مقصد واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته نگران ??زيراعظم جو جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري تقريبن جو حصو آهي جي??و چين جي بي??ٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي. نگران ??زيراعظم چين ۾ پنهنجي مصروفيتن ۾ سي پيڪ جي اهم ڪاميابين ۽ مستقبل جي ترجيحن تي روشني وجهندو ۽ ان جي اعليٰ معيار جي ترقي کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون جي ٽئين بي آر ايف ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی