لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ اي?? ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ اي?? ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ اي?? ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي صبح سوير ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم ۽ آءِ اي?? ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آءِ اي?? ايف پروگرام جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ اي?? ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي ڏس ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آءِ اي?? ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته آءِ اي?? ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ اي?? ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ اي?? ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان ڳالهه ٻوله?? ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿ??. هن وزيراعظم شهباز شريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.
آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي، معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa