اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي ت?? ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس ??ي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراه?? ڀارت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي دعوت تي ايس ??ي او جي پرڏيهي وزيرن واري ??جلاس ۾ شرڪت ڪري ??هيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ اسان جي شرڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ عمل جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ خطي جي لاءِ ڏي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آخري ??جلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados