اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران هالينڊ، ڊينمارڪ، سوئٽزرلينڊ، فن لينڊ، زمبابوي ۽ سينيگال جي نامزد سفيرن جون سفارتي سنندون وصول ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب صدر کي هالي??ڊ جي سفير هيني فوڪل ڊي وريس، ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لينولف، سوئٽزرلي??ڊ جي سفير جارج اسٽينر، فن لي??ڊ جي سفير هنوريپاٽي، زمبابوي جي نان ريزيڊينٽ هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) مارٽن چيڊونڊو ۽ سينيگال جي نان ريزيڊينٽ سفير ساليونيانگ ڊائينگ ??نهنجي مقرري جون سندون پيش ڪيون. ان موقعي تي انهن ص??ر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر پاڪستان ۾ هالي??ڊ جي نامزد سفير سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هالينڊ سان مختلف شعبن ۾ ڊگهي مدي واري ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند اهي، هالينڊ يورپي يونين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي ٻي وڏي برآمدي منزل آهي، اميد آهي ته هالينڊ پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. صدر داڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پنهنجي سستي ۽ ??عل??ٰ معيار جون خدمتون ۽ مصنوعات ڊينمارڪ کي پيش ڪري سگهن ٿيون، صدر اقتصادي لاڳاپا ۽ عوامي رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفر ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ص??ر سان سوئٽزرلي??ڊ جي سفير پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان معيشت، واپار، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انساني امداد جي شعبن ۾ حصيداري کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته سوئس ڪمپنيون پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ سڄي دنيا مان سياحن کي راغب ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي، پاڪستان سوئٽزرلي??ڊ جي سياحت ۽ مهمان نوازي جي صنعت مان سکي سگهي ٿو. ص??ر سان پاڪستان ۾ فن لي??ڊ جي سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان ۽ فن لي??ڊ جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. ص??ر سان پاڪستان ۾ زمبابوي جي هاءِ ڪمشنر پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان زمبابوي سان زرعي، دواسازي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ص??ر سان پاڪستان ۾ سينيگال جي سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهه آفريقي خطي جو اهم ملڪ سمجهي ٿو، هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن تي اط??ينان جو اظهار ڪيو. صدر غيرملڪي سفيرن سان ملاقاتن دوران موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي حصيداري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري پاڪستان سميت ماحولياتي تبديلي کان متاثر ملڪن جي مدد ڪرڻ جو عزم ڪري. ص??ر سفيرن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي ڪري ايندڙ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان کي غيرمعمولي ٻوڏ، ٻيلن ۾ باهه، گرمي جي لهر ۽ سوڪهڙي جي صورتحال ۾ موسمياتي تبديليون درپيش آهن، صدر تازي ٻوڏ دوران پاڪستان جي مسلسل مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اميد آهي ته عالمي برادري ٻوڏ کان متاثر آبادي جي امداد، بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ پنهنجو تعاون وڌيڪ وڌائيندي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي هالينڊ، ڊينمارڪ، سوئٽزرلينڊ، فن لينڊ، زمبابوي ۽ سينيگال جي نامزد سفيرن پاران سفارتي سنندون پيش
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو