ني??يا??ڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ارن جي خوراڪ تيار ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن، ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ جي تباهين ۽ پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم جيڪو هنو قت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ني??يا??ڪ ۾ آهي، هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين بابت پنهنجي پيغام ۾ ??يو ته هن گذريل رات آن لائين اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سان سڄي پاڪستان ۾ تباهي ٿي آهي، صوبائي حڪومت، انتظاميا، سرڪاري افيسرن ۽ پاڪ ٻوڏ کانپوءِ جيڪي ڪوششون ۽ ڪارروايون ڪيون آهن، عوام جي نظر ۾ انهن جي عزت آهي ۽ الله تعاليٰ ان محنت جو صلو عطا فرمائيندو. وزيراعظم ??يو ته کيس اجلاس ۾ خبر پئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو درپيش آهي. وزيراعظم پاڪستان جي سرنديءَ وارن ادارن خاص طور تي ٻارن جي خوراڪ تيار ڪندڙ مقامي ڪمپنين (فوڊ مينوفيڪچررز) کي اپيل ڪئي ته اهي متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن ۽ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ پاڪ فوج جي ذريعي لکين ٻارن تائين اها خوراڪ پهچائين. وزيراعظم دين ۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن جا ٿورا مڃيا ۽ ??يو ته متاثرين خاص طور تي ٻارڙا ۽ انهن جا والدين عطيو ڏيندڙن جي لاءِ دعائون ڪندا ۽ اهو الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ جو ذريعو هوندو. وزيراعظم ??يو ته هن وقت پاڪستان پنهنجي تاريخ جي مشڪل ترين وقت مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ جون تباهيون پوري دنيا آڏو آهن. وزيراعظم ??يو ته هن دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مالي ۽ معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم ??يو ته اسان کي الله تعاليٰ آڏو دعا ڪرڻ گهرجي ته اسان جي محنت ۾ برڪت وجهي، اسان جي مسئلن جو خاتمو ڪري، پاڪستان کي هڪ عظيم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائي ۽ اسان جون مصيبتون ختم فرمائي.
وزيراعظم پاران ٻارن جي خوراڪ تيار ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت